ڪورونا مان صحتياب ٿيندڙن جي ذهن تي پوندڙ اثرن بابت نئين تحقيق

ڪووڊ 19 کي شڪست ڏيندڙ ماڻهو ڪهڙي ذهني مسئلن سان منهن ڏئي سگهن ٿا؟، ان حوالي سان نئين تحقي سامهون اچي وئي آهي.
برطانيا ۾ ٿيندڙ تحقيق موجب ڪورونا وائرس سان ٿيندڙ بيماري ڪووڊ 19 کي شڪست ڏيندڙ ماڻهو مختلف ذهني مسئلن جهڙوڪ سوچڻ ۽ هڪ جاءِ تي ڌيان ڪرڻ ۾ ڏکيائين سان منهن ڏئي سگهن ٿا.
اها ڳالهه برطانيا ۾ ٿيندڙ هڪ نئين تحقيق ۾ سامهو آئي آهي. امپيرئل ڪاليج لنڊن جي ان تحقيق ۾ 80 هزار کان مٿي ماڻهن کي شامل ڪيو ويو هو.
تحقيق ۾ ڪووڊ جي ڪري ذهني ڪارڪردگي ۾ گهٽتائي کي ڏٺو ويو آهي.
تنهن هوندي به نتيجا ڏسندي واضح طور اهو چوڻ ممڪن ناهي ته ذهني تي پوندڙ اهڙا ناڪاري اثر گهڻي عرصي تائين رهي سگهن ٿا يا نه.
تحقيق ۾ اهو ضرور چيو ويو آهي ته جن مريضن کي ويلٽيليشن جي ضرورت پئي انهن جي ذهني صلاحتين ۾ خوبين واري شرح آءِ ڪيو ليول ۾ 7 حصا گهٽ جيتري ڏٺي وئي آهي.
ان تحقيق جا نتيجا طبي جرنل اي ڪلينڪل ميڊيسن ۾ ڇپيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔