طالبان جي ڪاههَ، افغان صدر ملڪ ڇڏي ويو

ڪابل: طالبان طرفان ڪابل جي گهيري کانپوءِ افغان صدر اشرف غني ۽ نائب صدر امرالله صالح ملڪ ڇڏي هليا ويا.پرڏيهي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته اشرف غني نائب صدر امرالله صالح سان گڏ ڪابل کان تاجڪستان هليو ويو آهي.رپورٽ موجب ٻئي تاجڪستان جي تخت گاهه دوشنبي ۾ آهن ۽ انهن جي اتان ٽئين ملڪ روانگي جو امڪان آهي.ان حوالي سان افغانستان جي اعليٰ قومي مصالحتي ڪائونسل جي چيئرمين عبدالله عبدالله به تصديق ڪري ڇڏي آهي.عبدالله عبدالله سوشل ميڊيا تي پنهنجي ويڊيو ۾ وڌيڪ چيو ته طالبان ڪابل ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ڳالهين جو وقت ڏين، جڏهن ته عوام به پرامن رهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔