ڪورونا وائرس وڌيڪ ستهٺ مريضن کان حياتيون کسي ورتيون، ستٽيهه سئو کان مٿي نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد: سموري ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وگهي 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن.نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل بيان موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي سڃاڻپ جي لاءِ 54 هزار 204 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 3711 مريضن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي. گذريل ڏينهن هن وبا وڌيڪ 67 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون آهن. جڏهن ته هاڪاري ڪيسز جي شرح 6.8 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي. سموري ملڪ ۾ ڪورونا وگهي فوتين جو انگ 24 هزار 406 ٿي ويو آهي ۽ گڏيل ڪيسز جو انگ 10 لک 98 هزار 410 تائين پهچي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔