ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخانو فعال آهي، ڪوشش اها آهي ته بند نه ٿئي: زاهد حفيظ

اسلام آباد: پرڏيهي وزارت جي ترجمان زاهد حفيظ چوڌري چيو آهي ته ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخانو فعال آهي ۽ اسان جي اهائي ڪوشش آهي ته سفارتخانو بند نه ٿئي. افغانستان ۾ طالبان جي تازي اڳڀرائي تي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته افغانستان جي صورتحال تيزي سان تبديل ٿي رهي آهي. ڪابل جي صورتحال کي لاڳيتو ڏسي رهيا آهيون. پاڪستان جو هميشه موقف رهيو آهي ته افغانستان ۾ امن هجي، پاڪستان هميشه کان چاهي ٿو ته سلامتي جي صورتحال وڌيڪ خراب نه ٿئي.پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخانو فعال آهي. اڃان سفارتخانو بند ڪرڻ جو ڪوبه فيصلو نه ڪيو آهي. سفارتي عملي جي سيڪيورٽي لاءِ سمورا قدم کنيا پيا وڃن. پاڪستان جي ڪوشش آهي ته پاڪستاني سفارتخانو بند نه ٿئي. افغانستان ۾ موجود پاڪستاني شهرين جي امداد ڪئي پئي وڃي.ٻئي طرف افغانستان ۾ مقرر پاڪستاني سفير منصور احمد خان پنهنجي ٽوئتر اڪائونٽ تان ٽوئٽ ڪئي آهي ته ڪابل ۽ لاڳاپيل علائقن ۾ موجود پاڪستانين کي يقين ڏياريون ٿا ته سفارتخانو پي آءِ اي سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي ته جيئن پاڪستانين کي باقاعده ۽ اضافي اڏامن ذريعي واپس موڪلي سگهجي. اسان ان ماڻهن جي به مدد ڪري رهيا آهيون جنهن سان مالي طور تي ڪو مسئلو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔