لاهور : ماسٽرز هاڪي ورلڊ ڪپ جي اهم مرحلي ۾ پاڪستاني ٽيم کي پنهنجي ٻئي ميچ ۾ به نهائيت بدترين شڪست جو منهن ڏسڻو پيو آهي.آئرلينڊ جي ٽيم شاندار راند جو مظاهرو ڪندي پاڪستان کي 0 جي مقابلي ۾ 11 گولن جي وڏي مارجن تان هرائي ڇڏيو. ميچ دوران پاڪستان جو ليجنڊ اولم پيئن شهباز سينئر ۽ اولم پيئن خالد حميد به ڪائي خاطر خواه ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيا. گروپ ڊي ۾ پاڪستان پنهنجو ايندڙ ميچ 11 آگسٽ تي ويلز خلاف کيڏندو.
تبصرے بند ہیں۔