ملڪ مان فرار ٿيڻ کانپوءِ اشرف غني جو پهريون بيان سامهون اچي ويو

ڪراچي؛افغانستان جي صدر اشرف غني جو ملڪ مان فرار ٿيڻ کانپوءِ هن جو پهريون بيان سامهون اچي ويو آهي، پنهنجي آفيشل فيس بڪ اڪائونٽ مان اشرف غني چيو آهي ته اڄ مون کي هڪ مشڪل فيصلو ڪرڻو پيو ۽ ملڪ کي ڇڏڻو پيو، هن چيو ته طالبان ڌمڪي ڏني هئي ته مون کي هٽائڻ جي لاءِ ڪابل تي حملو ڪرڻ لاءِ تيار آهن، پر مان رتو ڇاڻ روڪڻ جي لاءِ ملڪ مان نڪرڻ جو فيصلو ڪيو، اشرف غني چيو آهي ته طالبان تلوار ۽ بندوق جي زور تي فيصلو ڪيو، پر هاڻي هو پنهنجي هم وطن جي عزت ۽ جائيدادن جي حفاظت جا پاڻ ذميوار آهن، واضح رهي ته طالبان جي طرفان ڪابل جي گهيراءُ کانپوءِ افغان صدر اشرف غني ۽ نائب صدر امر الله صالح افغانستان ڇڏي هليا ويا، برطانوي اخبار ٽيلي گراف تاجڪ ميڊيا جي حوالي سان دعويٰ ڪئي آهي ته اشرف غني نائب صدر امر الله صالح سان گڏ ڪابل کان تاجڪستان هليو ويو، رپورٽ موجب ٻئي ڄڻا تاجڪستان جي گادي واري شهر دوشنبي ۾ آهن ۽ اتان ڪنهن ٻئي ملڪ روانو ٿيڻ جو امڪان آهي، افغان صدر جي فرار ٿيڻ بعد افغان گهرو وزارت ڪجهه به ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو هو پر افغانستان جي اعليٰ قومي مصالحتي ڪونسل چيئرمين عبدالله عبدالله هن جي فرار ٿيڻ جي تصديق ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔