پاڪستان پهتل افغان سياسي قيادت تي ٻڌل اعليٰ سطحي وفد جِي پرڏيهي کاتي ۾ آمد

اسلام آباد؛ پاڪستان پهتل افغان سياسي قيادت تي ٻڌل اعليٰ سطحي وفد جِي پرڏيهي کاتي ۾ آمد، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي افغان وفد جي آجيان ڪئي، ملاقات دوران افغانستان جي موجوده صورتحال ۽ ٻين مامرن تي ڳالهيون ڪيون ويون، سُڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته افغان حڪومت وزيراعظم عمران خان جي ڳالهه مڃي ها ته موجوده حالتون پيدا نه ٿين ها، افغان مسئلي جي حل لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، عالمي برادري ۽ افغان ڌڙن سان به ڳالهيون جاري آهن، عالمي برادري موجوده حالتن ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏئي، ملالا يوسفزئي فون ڪري افغانستان ۾ عورتن جي حقن لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔