ديامر ڀاشا ڊيم منصوبي جو ٺيڪو ڏيڻ ۾ اربين روپيا گهوٻين جو انڪشاف

اسلام آباد: آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ديامر ڀاشا ڊيم جا 442 ارب روپين کان وڌيڪ ماليت جي منصوبن جو ٺيڪو ڏيڻ وقت منصوبي جي واڪ جي عمل دوران گهوٻيون ۽ پيپرا رولز جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي، آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي رپورٽ ۾ ديامر ڀاشا ڊيم منصوبي جي ڪانٽريڪٽ ايوارڊ ۾ بڊنگ ويليوايشن جي سطح تي گهوٻين جو انڪشاف ڪيو ويو آهي. آڊيٽر جنرل پاڪستان جي آڊٽ سال 2020، 21 جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڀاشا ڊيم منصوبي جا بڊز جي جاچ جي معيار جي سطح تي پيپرا رولز جي ڀڃڪڙي ٿي، ڀاشا ڊيم جو پي سي ون 336 ارب 50 ڪرو روپين جو هو جڏهن ته ٺيڪو 442 ارب 40 ڪروڙ روپين ۾ ڏنو ويو، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته منصوبي جا بڊز جمع ڪرائڻ وقت چيني ڪمپني پاور چائنا وٽ پاڪستان انجنيئرن ڪونسل جو لائسنسن نه هو، هي لائسنسن بڊنگ ڊاڪيومنٽس جي ڪلاز 3.1 جي تحت گهربل هو، آڊٽ رپورٽ موجب پاور چائنا سان گڏ جوائنٽ وينجر ۾ شامل مقامي شراڪتدار ايف ڊبليو او به بڊنگ ڊاڪيومنٽس جي موجب گذريل 20 سالن ۾ بن بجلي يا آبپاشي جي شعبي ۾ 3 ارب روپين جو منصوبو لڳائڻ جي شرط پوري نه ڪري رهيو هو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته منصوبي جي واڪ جي درخواستن جي طلبي جو اشتهار انٽرنيشنل اخبارن ۾ ناهي ڏنو ويوجيڪو ڀيٽ (مسابقت) لاءِ ضروري آهي، ڀاشا ڊيم جي لاءِ پاور چائنا ۽ ايف ڊبليو او کي معيار تي پورو نه لهڻ جي ڪري رد ڪيو وڃي ها، رپورٽ موجب مامرو واپڊا سان گڏ اٿاريو ويو، نومبر 2020 تي مامرو وزارت آبي وسيلن جي نوٽيس ۾ به آندو ويو، واپڊا جي طرفان ٻڌايو ويو ته ايف ڊبليو او جا گومل زام ڊيم منصوبي ۾ تجربي کي ڏٺو ويو ۽ واپڊا جو جواب قبول نه ڪيو ويو، ڇو ته گومل زام ڊيم منصوبي جي تعمير جو ڪم هڪ ذيلي ڪانٽريڪٽر سائنو هائيڊرو ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔