قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس، افغان صورتحال تي مشاورت

اسلام آباد: افغانستان ۾ طالبان جَي قبضي بعد خطي جِي تبديل ٿيندڙ صورتحال کي منھن ڏيڻ بابت وزير اعظم عمران خان جِي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو ، جنهن ۾ افغانستان جي موجوده صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، وفاقي وزير ۽ ٽنهي هٿياربند فوج جَي سربراهن سميت ڊي جي آءِ ايس آءِ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سياسي ۽ عسڪري قيادت طرفان افغان صورتحال تي مشاورت: اُن کان اڳ پاڪستان پهتل افغان سياسي وفد جِي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان ملاقات ڪري افغانستان جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي هئي، شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پهرين ترجيح افغانستان مان شهرين جي منتقلي آهي، پاڪستان چاهي ٿو ته رتو ڇاڻ نه ٿئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔