جسٽس احمد علي شيخ کي ايڊھاڪ جج مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد: سنڌ ھائيڪورٽ جي چيف جسٽس جي انڪار ۽ اٽارني جنرل جي مشروط حمايت جي باوجود قانون واري وزارت جسٽس احمد علي شيخ جي ايڊھاڪ جج طور مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آھي. سنڌ هائڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ جڊيشل ڪميشن کي ٻه ڀيرا خط لکي ايڊھاڪ جج مقرر ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ھو انھي جي باوجود سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ سينيئر ججن سندس انھي انڪار کي قبولڻ ڪرڻ کان انڪار ڪيو، انھي مقرري جي لاءِ نه رڳو سندس رضامندي سمجھي وئي پر جڊيشل ڪميشن جي چئن ميمبرن جي اختلاف کي به ڪا اھميت نه ڏني وئي. اڄ جونيئر جج جسٽس محمد علي مظھر کي سپريم ڪورٽ جي جج طور حلف کڻائڻ کان ڪجھه دير پوءِ چيف جسٽس احمد علي شيخ کي سپريم ڪورٽ جو ايڊھاڪ جج بڻائڻ جو نوٽفڪيشن به جاري ڪيو ويو آھي، جسٽس احمد علي شيخ ھڪ سال جي لاءِ ايڊھاڪ جج ھوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔