جي ڊي اي ايم پي اي نصرت سحر عباسي برقعو پائڻ شروع ڪري ڇڏيو، وڊيو بيان جاري

ڪراچي: جي ڊي اي ايم پي اي نصرت سحر عباسي برقعو پائڻ شروع ڪري ڇڏيو، جاري وڊيو ۾ بيان ۾ نصرت سحر عباسي چيو آھي تھ منھنجو ذاتي فيصلو آھي، ٻئي ڪنھن کي پردي لاءِ نھ چونديس، ايم پي اي نصرت سحر برقعو پائڻ شروع ڪري ڇڏيو آھي، جي ڊي ايم پي نصرت سحر عباسي برقعو پائي وڊيو سوشل ميڊيا تي جاري ڪئي، سوشل ميڊيا تي جاري وڊيو تي دلچسپ تبصرا پڻ ٿي رھيا آھن، جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ نصرت سحر عباسي چيو تھ مان سڀني سان مخاطب آھيان، جي ڊي اي سان تعلق آھي، سڀني کي ھڪ شئي ٻڌايان تھ جيڪي سڀ فيس بوڪ استعمال ڪن پيا تھ جيڪو اڪائونٽ تي ٽڪ لڳل ھوندي آھي تھ اھو اڪائونٽ فيڪ ناھي ھوندو، مان نصرت سحر عباسي آھيان، مون کي ميسيج اچن پيا تھ ھي فيڪ اڪائونٽ آھي، پر ھي اڪائونٽ فيڪ ناھي، مان ايندي رھنديس، منھنجي سڀني کي خبر آھي، ھن پيج تي سڀ مون کي ٻڌائيندا رھيا، مان اسيمبلي ۾ آواز اٿاريندي رھي آھيان، منھنجو آواز اوھان جي سڃاڻپ ھجڻ گھرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔