پي آءِ اي پاران ڪابل ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي واپس آڻڻ لاءِ ٽي اڏام موڪلڻ جو اعلان

ڪراچي:قومي ائير لائن جي سي او افغانستان ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي وطن واپس آڻڻ جو مشن جاري رکڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اڄ کان ڪابل ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي لاءِ 3 پي آءِ اي جا جهاز موڪليا ويندا، ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ ارشد ملڪ چيو آهي ته پاڪستانين کي وطن آڻڻ لاءِ پرڏيهي کاتو، افغانستان ۾ پاڪستان جو سفير مڪمل تعاون ڪري رهيا آهن، افغانستان ۾ پنهنجي شهرين جي مدد لاءِ ڪا به ڪثر نه ڇڏينداسين، پي آءِ اي جو عملو هن مشن ۾ سڀ کان اڳتي آهي ۽ هي عملو منهنجو هيرو آهي، ٻئي پاسي پي آءِ اي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪابل ۾ پي آءِ اي جي آفيس آپريشنل آهي ۽ آفيس ايندڙن ڪسٽمرز جي خدمتن ۾ مصروف آهي، ترجمان جو چوڻ آهي ته پي آءِ اي انتظاميه افغانستان ۾ بدلجندڙ صورتحال جي پيش نظر افغانستان ۾ پاڪستان جي سفارت خاني سان مڪمل رابطي ۾ آهي، سومر کان ڪابل ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي لاءِ 3 پي آءِ اي جا اڏام به موڪليا ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔