براؤزنگ دلچسپ خبرون

دلچسپ خبرون

قسمت جي ديوي مهربان: پورهيتن کي ڪوئلي جي کاڻ مان قيمتي هيرو هٿ

نئين دهلي : قسمت جي ديوي مهربان، پورهيتن کي ڪوئلي جي کاڻ مان قيمتي هيرو هٿ آيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي رياست مڌيا پرديش جي ضلعي پانا ۾ رتن لال پرجاپتي ۽ سندس 3 ساٿين کي 8.22 قيراط جو هيرو هٿ آيو، 4 ئي پورهيت دوست ڪوئلي جي

لوڌران ۾ 80 سالن جي شخص ۽ 60 سالا عورت جي ڌام ڌوم سان شادي

لوڌران ۾ ملڪ جي هن وقت تائين جي انوکي شادي ٿي آهي. 80 سالن جي شخص جي 60 سالن جي عورتن سان وڏي ڌام ڌوم سان شادي ڪرائي وئي آهي. شادي جي تقريب ۾ گهوٽ نئين چمڪندڙ ڪار ۾ ڪنوار جي گهر پهتو، گهوٽ پُٽن ۽ پوٽن سان گڏ دهلن شرنائين تي رقص به ڪيو.

ٻلين ۾ به 7 مختلف شخصيتون ٿين ٿيون: تحقيق

انسانن جيان ٻلين جي شخصيت به هڪ ٻئي کان مختلف هوندي آهي.ان بابت نئين تحقيق مان ڄاڻ ملي آهي ته ٻليون 7 مختلف قسمن جون شخصيتون ۽ طرز عمل رکنديون آهن. فن لينڊ جي هيلسنڪي يونيورسٽي ۾ ڪيل تحقيق ۾ ٻلين جي طرز عمل تي گڏيل تجزيو ڪيو ويو. جنهن ۾

جيل مان فرار قيدي 30 سالن کانپوءِ گرفتاري ڇو ڏني؟

آسٽريليا جي جيل مان فرار ٿيندڙ هڪ قيدي حيرت انگيز طور تي پنهنجو پاڻ کي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. دنيا جي مختلف جيلن مان قيدين جي فراري جا واقعا ته ٿيندا رهندا آهن پر هن فراري کانپوءِ 30 سالن کانپوءِ پاڻ کي پوليس جي حوالي ڪرڻ بابت هڪ

”ٿورو پاڻي ته ڀري اچو“، ڪنوار گهوٽ کي ڏٺو ڏئي کِسڪي وئي

شادي کانپوءِ نئين ڪنوار کي مڙس سان ناز نخرا ڪندي ته سڀ ڪنهن ٻڌو ئي هوندو، شادي جي رات کان ويندي شروعات جا ڪجهه ڏينهن ڪنوار پنهنجي مڙس کان ناز ڪندي مختلف ناز ۽ نخرا ڪندي رهندي آهي جنهن جو سبب ٻنهي ۾ پيار جو هجڻ به هوندو آهي. پر ڪنوار جي

فلوريڊا: 13 خوفناڪ فلمون ڏسندڙ لاءِ 13 سئو ڊالر انعام جو اعلان

فلوريڊا : هڪ آمريڪي ڪمپنيءَ اعلان ڪيو آهي ته ڪو شخص ان جي نگراني ۾ 13 هارر فلمون ڏسندو ته ان کي 13 سئو ڊالر (2 لک 18 هزار پاڪستاني رپيا)  ڏنا ويندا. اهو اعلان “فائنانس بز” نالي هڪ ميڊيا ڪمپني ڪيو آهي، جيڪا عام ماڻهن کي مالياتي معاملن بابت

18 ورهين جي برطانوي ٽينس اسٽار نئين تاريخ لکي ڇڏي

لنڊن: برطانيا جي ايما ريڊوڪينو رڳو 18 ورهين جي عمر ۾ يو ايس اوپن ٽينس ٽورنامينٽ کٽي ڪيترائي رڪارڊ جوڙي ورتا. اينا اهڙي پهرين رانديگرياڻي بڻجي وئي آهي، جنهن پهريون ڀيرو ڪنهن وڏي ٽينس ٽورنامينٽ لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو ۽ ان جو فائنل به کٽي ورتو.

40 سالن کان نه سمهندڙ چيني عورت

دنيا ۾ ننڊ نه اچڻ هڪ عام بيماري تصور ڪئي پئي وڃيي، ڪجهه ڏينهن يا هفتن تائين ننڊ نه اچڻ جي دعويٰ ڪندي ماڻهو ٿڪن نٿا يا بيماري ۾ ورتل نظر ايندا آهن. پر حال ئي ۾ چيني ميڊيا تي هڪ عجيب ۽ غريب ڪيس رپورٽ پيش ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ هڪ عورت جي دعويٰ

پنهنجو پاڻ سان شادي ڪندڙ عورت

شادي جو خيال ذهن ۾ ايندي ئي سڀ کان اڳ هڪ گهوٽ ۽ هڪ ڪنوار جو عڪس ذهن ۾ اچي ويندو آهي جيڪو فطري طور شادي کي هڪ شڪل ڏيندو آهي. هونئن ته دنيا ۾ عجيب ۽ غريب ريتن رسمن جي پوئواري ڪندي ڪيتريون ئي انوکيون شاديون ڏٺيون ويون آهن جن مان سڀ کان گهڻائي

زبردستي ويڪسين لڳائڻ خلاف عورت عدالت پهچي وئي

اسلام آباد: سڄي دنيا جيان پاڪستان ۾ ڪورونا وبا جا حملا جاري آهن ۽ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وائرس سبب وڌيڪ 83 مريض فوت ٿي ويا. ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي روڪٿام لاءِ جتي حڪومت مختلف پابنديون هڻي رهي آهي، اتي ئي وري ڪورونا ويڪسينيشن تي پڻ زور ڏنو