ڏکڻ آفريڪا ۾ هاٿين جي آواز ۽ رويي کي سمجهڻ لاءِ ويب سائٽ تيار

جوهانسبرگ: ڏکڻ آفريڪا ۾ هاٿين جي آواز ۽ رويي کي سمجهڻ لاءِ ويب سائٽ تيار ايليفينٽ وائسس نالي ويب سائيٽ ٺاهڻ ۾ سائنسدانن کي 10 سال لڳي ويا، ڀرپور سائنسي معلومات رکي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ويب سائيٽ تي هاٿين جي آواز ۽ ان جي مطلب جي مڪمل ڊيٽا بيس موجود آهي جڏهن ته هاٿين جون خوبصورت تصويرون به رکيل آهن، هاٿي هڪ ٻئي ڏانهن پيغام ڪيئن ٿا پهچائين؟ سندن احساس ڇا هجي ٿو؟ اظهار ڪيئن ڪن ٿا؟
ويب سائيٽ تي ڏسي سگهجي ٿو.ويب سائيٽ تي هاٿي اڪيلو هجڻ دوران اظهار ڪيئن ڪري ٿو؟ سونڊ ۽ مٿي جا ايڪشن به ڏسي سگهجن ٿا،هاٿي جي جسم جهڙي ويب سائيٽ تي رڳو هڪ هنڌ سوين آواز جمع آهن، 425 تصويرن تي 130 سلائيڊ شو ۽ روين کي الڳ الڳ سرچ ڪري سگهجي ٿو. واضح رهي ته هاٿي جا ڏند وڏا قيمتي هجن ٿا آفريڪا ۾ انهن جي واپار تي پابندي باوجود سندن نسل ڪشي تيزي سان جاري آهي، انڪري سندس نسل بچائڻ لاءِ وڏي جدوجهد جي ضرورت آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔