اسٽيٽ بئنڪ نوٽن جي نئين ڊيزائن بابت خبرن تي بيان جاري ڪري ڇڏيو

ڪراچي: اسٽيٽ بئنڪ ڪرنسي نوٽن جي نئين ڊيزائن بابت خبرن تي بيان جاري ڪري ڇڏيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ جي آفيشل ٽوئٽر اڪائونٽ تان جاري ڪيل بيان ۾ ڪرنسي نوٽن جي نئين ڊيزائن جي باري ۾ چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرون ڪوڙيون آهن، اهڙين خبرن ۾ ڪابه سچائي نه آهي.
اسٽيٽ بئنڪ چيو آهي ته ڪرنسي نوٽن جي نئين ڊزائين جي هن وقت ڪابه تجويز غور هيٺ نه آهي. سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرن ۾ ڪابه سچائي نه آهي اسان واضح طور تي اهڙين خبرن جي ترديد ڪريون ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔