اسلام آباد: رٽائرڊ آفيسرن جي پرڏيهي ملڪن ڏانهن منتقلي کان پوءِ پنهنجي پينشن به پرڏيهي ڪرنسي ۾ وصول ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
نجي ٽي وي جي رپورٽ موجب گهرو وزارت پارليامينٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته مختلف سرڪاري کاتن مان رٽائرڊ ٿيل 33 اعليٰ آفيسر پرڏيهي ملڪن ڏانهن منتقل ٿي چڪا آهن جيڪي هاڻ پرڏيهي ڪرنسي ۾ وڏي رقم پينشن جي طور تي وصول ڪري رهيا آهن.
سامهون ايندڙ انگن اکرن موجب پاڪستان جي حڪومت اهڙن رٽائرڊ آفيسرن کي ساليانو 34 ڪروڙ 21 لک روپين جي ادائيگي ڪندي آهي جيڪا سڌو سنئون پرڏيهي ڪرنسي ۾ منتقل ڪئي ويندي آهي.
اقتصادي ماهرن موجب اهو انڪشاف ملڪ ۾ آفيسر شاهي جي مالي معاملن ۽ مراعتن جي حوالي سان هڪ نئين بحث کي جنم ڏئي رهيو آهي.
هوڏانهن ڪيترن ئي ملڪن ۾ رهائش اختيار ڪندڙ رٽائرڊ آفيسرن کي پرڏيهي ڪرنسي ۾ پنشن جي ادائيگي جو سلسلو جاري آهي پر پرڏيهي وزارت وٽ اهڙن سمورن آفيسرن جا مڪمل تفصيل موجود نه آهن جيڪي پرڏيهي ڪرنسي ۾ پينشن وصول ڪري رهيا آهن، جنهن سان ڊيٽا جي فراهمي ۾ وسوسا پيدا ٿي رهيا آهن.
ملڪ کي پيش ايندڙ معاشي بحران جي دوران سرڪاري ناڻي مان پرڏيهي ملڪن ڏانهن رٽائرڊ آفيسرن کي وڏي رقم جي ادائيگي خاص طور تي پرڏيهي ڪرنسي ۾ ادائيگي تي عوامي سطح تي سوال اٿي رهيا آهن. اقتصادي ماهرن جو چوڻ آهي ته حڪومتي ادارن کي پينشن اصلاحات تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي ته جيئن ملڪي ناڻي جي مٽاسٽا وارن ذخيرن تي بار کي گهٽ ڪري سگهجي.
تبصرے بند ہیں۔