ڪراچي: جشن ميلادالنبيﷺ جي موقعي تي شهر ۾ ڳري ٽريفڪ جي داخلا تي پابندي جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ٽريفڪ پوليس جي ترجمان موجب 11 ۽ 12 ربيع الاول تي ڳري گاڏين جي شهر ۾ داخلا تي پابندي لڳائي وئي آهي شهر ۾ ڊمپر، ٽينڪرز ۽ ٻين هيوي گاڏين جي 25 ۽ 26 تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
انهي سلسلي ۾ 11 ربيع الاول کان 12 ربيع الاول جي رات تائين ڳريون گاڏيون شهر ۾ هلائڻ کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
جشن ميلادالنبيﷺ جي موقعي تي مختلف جلوسن ۽ ريلين جي لاءِ ٽريفڪ جا انتظام سخت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. شهرين جي سهولت ۽ ٽريفڪ جي روانگي برقرار رکڻ جي لاءِ پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
گڊز ٽرانسپورٽ، ڊمپر، واٽر ٽينڪر ۽ ٻين ڳرين گاڏين جي مالڪن کي اپيل ڪئي وئي آهي ته اهي انتظاميه سان تعاون ڪن، ٻيا شهري به ٽريفڪ پوليس جي هدايتن تي عمل ڪن ۽ انتظاميه سان تعاون ڪن.
تبصرے بند ہیں۔