ننڊ جو اهو مخصوص وقت جيڪو دل جي مرضن کان بچائي ٿو

دل جي موتمار بيمارين کي پاڻ کان پري رکڻ چاهيو ٿا؟ ته هڪ مخصوص وقت تي ننڊ کي اڄ کان ئي عادل بڻائي ڇڏيو.
اها ڳالهه برطانيا ۾ ٿيل هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.
جي ها واقعي رات جو 10 کان 11 تائين سمجهڻ دل جي صحت کي بهتر بڻائڻ ۽ دل جي مرضن جو خطرو گھٽائڻ لاءِ فائديمند آهي.
ايڪسٽر يونيورسٽي جي ان تحقيق ۾ يوڪي بايو بينڪ جي 88 هزار کان وڌيڪ رضاڪارن جي ڊيٽا جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي.
نتيجن مان اشارو مليو ته رات 10 يا ان پوءِ جلد سمهڻ سان دل جي شريانين سان سلهاڙيل مرضن جو خطرو ان وقت کان اڳ يا بعد ۾ سمهڻ جي ڀيٽ ۾ نمايان حد تائين گھٽ ٿيندو آهي.
تحقيق ۾ اهو ثابت نه ٿي سگھندو ته جلد يا دير سان سمهڻ دل جي شريانين جي مرضن جو بڻجي ٿو جڏهن ته رضاڪارن جي ننڊ جي معيار کي به وڌيڪ ويجهڙائي سان نه ڏٺو ويو پر رڳو وقت ۽ ننڊ جي مخصوص وقت تي ڌيان ڏنو ويو.
پر محققن جو چوڻ هو ته ان مخصوص وقت کان اڳ يا پوءِ سمجهندڙ ماڻهو امڪاني طور تي سج جي شروعاتي روشني کان محروم رهن ٿا، جيڪا روزانو جسم جي اندروني گھڙي کي ري سيٽ ڪرڻ ۾ مددگار آهي.
جيڪڏهن جسم گھڻي ڊگھي عرصي تائين درست طريقي سان ري سيٽ نه هوندو ته جسماني ورم ۾ واڌ ۽ گلوڪوز ريڪيوليشن جا فعل متاثر ٿين ٿا جنهن سان دل جي مرضن جو خطرو وڌي سگھي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔