آصف علي آءِ سي سي پليئر آف دي منٿ جو اعزاز ماڻي ورتو

دبئي :قومي ٽيم جي مڊل آرڊر بيٽسمين آصف علي آءِ سي سي پليئر آف دي منٿ جو اعزاز ماڻي ورتو.
انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته مينز ڪرڪيٽ ۾ پاڪستان جو پاور هٽر آصف علي پليئر آف دي منٿ چونڊجي ويو آهي.
واضح رهي ته آءِ سي سي آڪٽوبر مهيني جي ڪارڪردگي جي بنياد تي پليئر آف دي منٿ لاءِ 3 نامزدگيون ڪيون هيون، جن ۾ آصف علي کانسواءِ بنگلاديش جو شڪيب الحسن ۽ نميبيا جو ڊيوڊ ويزي شامل هئا.
ياد رهي ته آصف علي گذريل مهيني ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ٻن ميچن ۾ ناٽ آئوٽ رهندي 273.68 جي اسٽرائيڪ ريٽ سان 52 رنسون ٺاهيون.
هوڏانهن آءِ سي سي وومين ڪرڪيٽرز ۾ پليئر آف دي منٿ جو اعزاز آئرش آل رائونڊر لورا ڊيلني حاصل ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔