ملڪ ۾ ڪير به مقدس ڳئون ناهي،حڪم ڪريو اسان ايڪشن کڻنداسين: وزيراعظم جو سپريم ڪورٽ ۾ جواب

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ دوران چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪير به مقدس ڳئون ناهي سپريم ڪورٽ حڪم ڪري اسان ايڪشن کڻنداسين.
وزيراعظم عمران خان اي پي ايس سانحي واري ڪيس ۾ عدالت پاران طلب ڪرڻ تي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيو. ٻڌڻي کان اڳ وزيراعظم عمران خان فواد چوڌري سان ڳالهيون ڪندو رهيو. جڏهن ٻڌڻي شروع ٿي ته چيف جسٽس پاڪستان چيو ته وزيراعظم صاحب اوهان اچو. جسٽس اعجاز چيو ته والدين کي مطمئن ڪرڻ ضروري آهي. والدين چاهين ٿا ته هن وقت جي اختيارين خلاف ڪا ڪارروائي ٿئي.
وزيراعظم عمران خان ڪيس جي ٻڌڻي دوران روسٽرم تي اچي چيو ته مان قانون جي حڪمراني تي يقين رکان ٿو. وزيراعظم عدالت کي مخاطلب ٿيندي چيو ته ملڪ ۾ ڪير به مقدس ڳئون نه آهي. اوهان حڪم ڪريو اسان ايڪشن کڻنداسين. وزيراعظم عدالت کي ٻڌايو ته واقعي واري ڏينهن ئي مان پشاور ويو هئس. اسپتال وڃي زخمين سان به مليس. عمران خان چيو ته صوبائي حڪومت جيڪو به ڪرڻ چاهيو ٿي اهو ڪيو. والدين چون ٿا ته اسان کي حڪومت طرفان امداد نه گهرجي. سانحي کان پوءِ نيشنل ايڪشن پلان ٺاهيو ويو. دهشتگردي جي خلاف جنگ کٽي.
ٻڌڻي دوران عدالت 20 آڪٽوبر واري حڪم نامي تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي جنهن تي وزيراعظم عمران خان سپريم ڪورٽ کي سموريون گهرجون پوريون ڪرڻ جو يقين ڏياريو. چيف جسٽس پاڪستان چيو ته اوهان وزيراعظم آهيو، جواب اوهان وٽ هجڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته ٻارن جي والدين کي الله صبر ڏيندو. اسان معاوضو ڏيڻ کان علاوه ڇا ٿا ڪري سگهون. مان پهريان به هنن سان مليو هئس. هاڻ به ملندس. اها خبر وٺندس ته 80 هزار ماڻهو ڪهڙي سبب جي ڪري ماريا ويا اهو به ڏسنداسين ته 480 ڊرون حملن جو ذميوار ڪير آهي؟ ان تي چيف جسٽس وزيراعظم کان پڇاڻو ڪيو ته اهي سموريون خبرون وٺڻ اوهان جو ڪم آهي؟ اوهان وزيراعظم آهيو ۽ هڪ وزيراعظم جي طور تي اوهان وٽ سمورن سوالن جا جواب هجڻ گهرجن.
وزيراعظم چيو ته اي پي ايس سانحي جو ڏک آهي، 80 هزار ماڻهن جو به اسان کي ڏک آهي. اوهان اي پي ايس معاملي تي اعليٰ سطحي جاچ ڪميشن ٺاهيو. ان کان پوءِ سپريم ڪورٽ 4 هفتن ۾ اي پي ايس سانحي جي ذميوارن جو تعين جو حڪم ڏيندي وزيراعظم کان وڌيڪ قدم کڻڻ واري رپورٽ طلب ڪري ورتي. عدالت وفاقي حڪومت جي ذميوارن خلاف ڪارروائي واري عمل ۾ ٻارن جي والدين کي به شامل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔