ڪابه راند شروع نه پئي ٿئي، عمران خان پنج سال پورا ڪندو: شيخ رشيد

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته ڪابه راند شروع نه پئي ٿئي، سموري راند عمران خان جي آهي ان ڪري هو پنهنجا پنج سال پورا ڪندو.
سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي شيخ رشيد چيو ته سمورن مسئلن جي ذميواري گهرو وزارت جي ناهي جڏهن اي پي ايس سانحي جي شهيدن جي درخواست ايندي ته ڪارروائي ڪنداسين. گهرو وزير چيو ته ڪابه راند شروع نه پئي ٿئي، سموري راند عمران خان جي آهي، ڪابه خطري جي ڳالهه ناهي. عمران خان جي حڪومت ڪامياب رهندي ۽ پنج سال پورا ڪندي.
هن وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو اکين تي آهي. ان جا فيصلا حڪومت ۽ وزيراعظم تي به لاڳو آهن ان ڪري سپريم ڪورٽ جيڪو چوندي وزيراعظم ٻڌندو. ڇو ته سپريم ڪورٽ به جمهوريت جو حصو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔