نوبل انعام حاصل ڪندڙ ملالا يوسفزئي شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي وئي

برمنگهم: عالمي نوبل انعام حاصل ڪندڙ پاڪستاني ڄائي ملالا يوسفزئي شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي وئي آهي.
ملالا يوسفزئي سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي پنهنجي نڪاح واري تقريب جون تصويرون شيئر ڪندي لکيو آهي ته اڄ منهنجي زندگي جو قيمتي ڏينهن آهي. عصر ۽ مان نڪاح جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويا آهيون.
نڪاح جي سادي تقريب برمنگهم ۾ ٿي. هن چيو ته اسان اڳيان جي سفر جي لاءِ گڏ هلڻ جي لاءِ پرجوش آهيون.
ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان جي اڳوڻي گهر واري جمائما گولڊ اسمٿ به ملالا يوسفزئي کي ٽوئٽر تي شادي جي مبارڪباد ڏني ۽ ماشاءَالله به لکيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔