ڪورونا جو زور ٽٽڻ لڳو، چوٿين لهر وڌيڪ 8 حياتيون کسي ورتيون

اسلام آباد: ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 8 مريض فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 28 هزار 566 ٿي ويو آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 12 لک 78 هزار 114 ٿي ويو آهي.
نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 554 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا. پنجاب ۾ 4 لک 41 هزار 378، سنڌ ۾ 4 لک 72 هزار 519، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 78 هزار 773، بلوچستان ۾ 33 هزار 356، گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 395، اسلام آباد ۾ هڪ لک 7 هزار 196، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 34 هزار 495 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن.
سموري ملڪ ۾ هينئر تائين 2 ڪروڙ 12 لک 31 هزار 524 ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 46 هزار 128 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا.
هينئر تائين 12 لک 26 هزار 590 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن جڏهن ته هڪ هزار 167 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا وگهي هڪ ڏينهن دوران 8 مريض فوت ٿيا جنهن کان پوءِ موذي وائرس وگهي فوت ٿي ويلن جو انگ 28 هزار 566 ٿي ويو آهي.
پنجاب ۾ 12 هزار 957، سنڌ ۾ 7 هزار 599، خيبرپختونخواهه ۾ 5 هزار 778، اسلام آباد ۾ 947، بلوچستان ۾ 358، گلگت بلتستان ۾ 186 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 741 مريص حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔