ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ پهرين سيمي فائنل ۾ اڄ آمهون سامهون ٿيندا

ابوظهبي: ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي پهرين سيمي فائنل ۾ اڄ نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ آخري دنگل ۾ پهچڻ جي لاءِ مهاڏو اٽڪائيندا. ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي پهرين فائنلسٽ ٽيم ڪير ٿيندي، ابوظهبي ۾ نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ جون ٽيمون رات 7 وڳي ميدان ۾ لهنديون.
مخالف ٽيمن گروپ مرحلي ۾ 4-4 ميچ کٽي سيمي فائنل تائين پهچ حاصل ڪئي آهي نيوزيلينيڊ کي سموري ٽورنامينٽ ۾ صرف پاڪستاني ٽيم شڪست ڏني آهي. انگلينڊ جي ڪپتان اوٽن مورگن کي بيٽنگ لائن ۾ ڊيوڊ مالان، معين علي، جوز بٽلر تي فخر آهي جڏهن ته نيوزيلينڊ جي ڊيرل مچل، مارٽن گپٽل ۽ ڪين وليمسن تي ڀروسو آهي.
نيوزيلينڊ جو ڪپتان چوي ٿو ته انگلينڊ جي ٽيم خلاف ڪنهن به غلط فهمي جو شڪار نه ٿينداسين. گروپ ميچن جي ڪارڪردگي کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪنداسين. ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو ٻيو سيمي فائنل سڀاڻي خميس ڏينهن کيڏيو ويندو جنهن ۾ پاڪستان ۽ آسٽريليا آمهون سامهون ٿيندا.
قومي اسڪواڊ جي اڄ ٽريننگ شيڊول آهي جنهن ۾ آسٽريليا جهڙي ڏکئي ٽيم کي منهن ڏيڻ بابت هيڊ ڪوچ رانديگرن کي ٽپس ڏيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔