سمورين حڪومتي دعوائن باوجود کنڊ جي قيمتن تي ڪنٽرول نه ٿي سگهيو

اسلام آباد: سمورين حڪومتي دعوائن ۽ ڪوششن جي باوجود ملڪ ۾ کنڊ جون قيمتون گهٽ نه ٿي سگهيون. کنڊ جون قيمتون ڪير ڪنٽرول ڪري رهيو آهي؟ اگهه ڪيئن ۽ ڪڏهن گهٽ ٿيندا ان حوالي سان غريب عوام پريشاني ۾ مبتلا آهي.
حڪومتي دعوائن جي باوجود مختلف شهرن ۾ کنڊ هن وقت به 140 کان 160 روپيه في ڪلو تي وڪرو ٿي رهيو آهي. لاهور ۾ مقامي کند غائب آهي پر ڪجهه دڪانن تي درآمدي کنڊ 90 روپيه في ڪلو جي حساب سان ملي رهي آهي. واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان ۽ وفاقي وزيرن کنڊ جي وڌندڙ قيمتن جو ذميوار سنڌ حڪومت کي قرار ڏنو آهي.
جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته ملڪ ۾ کنڊ جون قيمتون عمران خان ۽ ان جي وزيرن جي نااهلي سبب وڌي رهيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔