مڙس زال کي ميڪ اپ کان سواءِ ڏسندي طلاق ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو

قائره: مصر سان تعلق رکندڙ مڙس پنهنجي زال کي ميڪ اپ کان سواءِ ڏسندي کيس طلاق ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
پرڏيهي ميڊيا موجب ٻنهي جي ملاقات فيس بڪ تي ٿي جتي عورت هميشه پنهنجون پرڪشش تصويرون پوسٽ ڪندي هئي. ان کان پوءِ مذڪوره شخص کيس هڪ ٻه ڀيرا ٻاهر وٺي ويو جتي هن کيس پرڪشش ڏٺو جنهن کان پوءِ هن عورت سان شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو. پر شادي جي هڪ مهيني تائين زال کي ميڪ اپ کان سواءِ ڏسندي مڙس تنگ اچي ويو ۽ طلاق لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي.
رپورٽن موجب مڙس کي ڳڻتي شادي جي پهرين صبح جو ٿي جڏهن هن پنهنجي زال کي پهريون ڀيرو ميڪ اپ کان سواءِ ڏٺو. پرڏيهي ميڊيا موجب ان شخص جو چوڻ هو ته مان شادي جي پهرين ڏينهن زال کي بنا ميڪ اپ جي ڏسي حيران ٿي ويس ڇو ته منهنجي زال اهڙي نه هئي جنهن سان مان شادي کان اڳ مليو هئس.
هن وڌيڪ چيو ته منهنجي زال مون کي ڌوڪو ڏنو آهي ڇو ته هو شادي کان اڳ ميڪ اپ ڪندي هئي پر شادي کان پوءِ مون ان جو اصل چهرو بنا ميڪ اپ جي ڏٺو. مڙس عدالت کي ٻڌايو ته مون زال کي غيردلڪش شڪل کي برداشت ڪرڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي پر شادي جي هڪ مهيني کان پوءِ تنگ اچي طلاق جي لاءِ درخواست داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔