حڪومت پاران گيس بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ مهانگي ايل اين جي ڪارگو خريد ڪرڻ جو فيصلو

پاڪستان ايل اين جي لميٽيڊ ملڪ ۾ گئس بحران کان بچڻ لاءِ تاريخ جي مهانگي ترين ايل اين جي ڪارگو خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته نومبر لاءِ پي ايل اين جي لميٽڊ هڪ ايل اين جي ڪارگو 65. 30 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو ۾ خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي
ذريعن جو چوڻ آهي ته نومبر ۾ 2 ايل اين جي ڪارگوز سپلاءِ کان ٻن عالمي ڪمپنين معذرت ڪئي هئي، هي ايل اين جي ڪارگوز 19 کان 20 نومبر ۽ 26 کان 27 نومبر تي ڊيليور ٿيڻا هئا، ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڪارگوز لاءِ پاڪستان ايل اين جي لميٽڊ هنگامي ٽينڊر جاري ڪيا هئا، ان هنگامي ٽينڊرز تي ايل اين جي سپلاءِ لاءِ 31 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو تائين آڇون آيون هيون
ذريعن موجب 26 کان 27 نومبر جي سپلاءِ لاءِ 65. 30 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو وارو ڪارگو خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته 19 کان 20 نومبر جي ڊليوري لاءِ ايل اين جي ڪارگوز جي حصول جي ڪوششون به جاري آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته عالمي ڪمپنين طرفان ملتوي ڪيل 2 ڪارگوز جي بحالي لاءِ به ڳالهيون جاري آهن،واضح رهي ته توانائي وارو وفاقي وزير حماد اظهر به هلندڙ سال سياري جي موسم ۾ گيس جي شديد قلت جي حوالي سان تيار رهڻ جو چيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔