ڪرس گيل نيٺ رٽائرمينٽ جي خبرن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي

ويسٽ انڊيز جي بيٽسمين ڪرس گيل جو چوڻ آھي تھ اڃا تائين رٽائرمينٽ جو اعلان نھ ڪيو آھي، گذريل ڏينھن ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ آسٽريليا خلاف کيڏيل ميچ کانپوءِ ويسٽ انڊيز جي بيٽسمين ڪرس گيل انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل آءِ سي سي جي ويب سائين سان ڳالھائيندي رٽائرمينٽ جي باري ۾ وضاحت پيش ڪئي
ڪرس گيل جو چوڻ آھي تھ گرائونڊ ۾ تفريح ڪري رھيو ھئس، مداحن سان گڏ خوش ھيس، ايئن محسوس ٿي رھيو ھو ڄڻ ھي منھنجو آخري ورلڊ ڪپ آھي، ويسٽ انڊيز جي بيٽسمين ڪرس گيل خواھش جو اظھار ڪيو تھ مان وڌيڪ ھڪ ورلڊ ڪپ کيڏڻ چاھيندس، پر منھنجو خيال ناھي تھ مون کي ان جي اجازت ملندي، مون رٽائرمينٽ جو اعلان ناھي ڪيو، پنھنجي ھوم گرائونڊ جميڪا ۾ آخري ميچ کيڏڻ جي خواھش آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔