اڪشي ڪمار کي شوٽنگ دوران سچ ۾ چماٽ هنئي:ڪترينا

ممبئي: بالي ووڊ جي خوبصورت اداڪارا ڪترينا ڪيف چيو آهي ته  اڪشي ڪمار کي شوٽنگ دوران سچ ۾ چماٽ هنئي. ڀارتي ميڊيا موجب اداڪارا ڪترينا  ڪيف ڀارتي ٽي وي شو ڪپل شو ۾ اڪشي ڪمار سان گڏ شرڪت ڪئي ان موقعي تي هن سوالن جا جواب ڏيندي هڪ واقعو ٻڌايو هن چيو ته فلم جي هڪ سين جي شوٽنگ ۾ کيس اڪشي کي چماٽ هڻڻي هئي، چماٽ فرضي محسوس ٿيڻ جي ڊپ کان سچ ۾ هڻي ڪڍي. ڪترينا چيو ته ان سين جو ڪوبه ري ٽيڪ نه ٿيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔