نيوزيلينڊ ڀارت کي ڪڍي ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ پهچي ويو

ابو ظهبي : نيوزيلينڊ جي ٽيم گروپ 2 جي اهم ميچ ۾ افغانستان کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو، جڏهن ته ڀارت ۽ افغانستان جون ٽيمون ٽائيٽل جي ڊوڙ کان ٻاهر ٿي ويون آهن.
ابوظهبي ۾ افغانستان طرفان مليل 125 رنسن جو هدف نيوزيلينڊ 18.1 اوورن ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
ڪيويز طرفان ڪين وليمسن 40 ۽ ڊيوڊ ڪونوي 36 رنسن جي اننگز کيڏي ناٽ آئوٽ رهيا، مارٽن گپٽل 28 ۽ ڊيرل مچل 17 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.
ان کان اڳ ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي افغانستان جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 124 رنسون ٺاهي سگهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔