زويا ناصر جنيد صفدر کي دل ڏئي ويٺي

لاهور: ميڪ اپ آرٽسٽ ۽ اداڪارا زويا ناصر مسلم ليگ ن جي اڳواڻ مريم نواز جي پٽ جنيد صفدر کي دل ڏئي ويٺي آهي. تفصيل موجب اڀرندڙ اداڪارا زويا ناصر جي جنيد صفدر سان ملاقات هڪ شادي تقريب ۾ ٿي جٿي جنيد صفدر گانو ڳائي مهمانن جون دليون کٽي ورتيون هيون، ان حوالي سان زويا ناصر جو چوڻ آهي ته جنيد صفدر کي ڏسندي ئي ساڻس پيار ٿي ويو هو کيس تمام گهڻو پسند ڪريان ٿي. زويا ناصر جنيد صفدر جي هڪ تصوير پڻ پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ انسٽاگرام تي شيئر ڪئي آهي جنهن کي تمام گهڻو پسند ڪيو پيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔