ڪراچي ۾ ڀاڄين جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳيون

ڪراچي ۾ ڀاڄين جي قيمتن کي به پر لڳي ويا، سياري جي موسم اچڻ سان گڏ ئي ڀاڄين جا فصل لهڻ باوجود شهر ۾ تمام گهٽ ڀاڄيون 100 روپيه يا ان کان گهٽ قيمت تي ملي رهيون آهن. رپورٽ موجب ٽماٽن جي هڪ دفعو ٻيهر کوٽ پيدا ٿي وئي آهي ۽ ٽماٽا هن وقت 200 کان 240 روپين تائين وڪرو ٿي رهيا آهن.
سيزن جي باوجود ڳاڙهيون گجرون 80 روپيه ڪلو، موري 80 روپيه ڪلو وڪرو ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته مٽر 300 روپيه ڪلو ۾ ملي رهيو آهي. ڀاڄيون وڪرو ڪندڙن جو چوڻ آهي ته پيٽرول جي قيمت وڌڻ سبب ڀاڄيون مهانگيون ٿي ويون آهن. سنڌ کان وڌيڪ بلوچستان مان ڀاڄيون اچي رهيون آهن جنهن جي لاڳت وڌيڪ آهي. ڀاڄيون وڪرو ڪندڙن موجب گهڻا گراهڪ اگهه پڇي واپس هليا وڃن ٿا 10 مان 2 کان 3 گراهڪ ئي خريداري ڪندا آهن. ٽماٽا ڪلو جي بجاءِ هڪ پاءُ خريد ڪندا آهن. اهڙي طرح ٻين ڀاڄين جي خريداري به محدود ٿي چڪي آهي.
شهر ۾ پٽاٽن جي نئين فصل جي پيداوار 80 روپيه ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي. جڏهن ته پراڻو پٽاٽو به 50 روپيه ڪلو ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي. ٻئي طرف سبزي منڊي ۾ بصر جي قيمت ۾ کوٽ باوجود ننڍو بصر 40 روپيه ۽ وڏو بصر 60 کان 70 روپيه ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي. سايون مرچون 200، ميها 200، شملا مرچ، 180 روپيه ڪلو وڪرو ٿيڻ لڳو. گوبي، 100، بند گوبي 100، ڀينڊي 180 روپيه ڪلو ملي رهي آهي. گجر 80 کان 100، موري 80، ڪريلا 120 سائي پالڪ 80، واڱڻ 80 روپيه ڪلو وڪرو ڪيا پيا وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔