حليم عادل شيخ جو ناظم جوکيو قتل جي عدالتي جاچ جو مطالبو

ملير: سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته پ پ قاتلن جي سرپرستي ڪري رهي آهي، ناظم جوکئي جي قتل تي گورنر سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، جڏهن ته وزيراعظم به واقعي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

حليم عادل شيخ ايم پي اي خرم شير زمان سان گڏ مقتول ناظم جوکيو جي تڏي تي پهچي ڀاءُ افضل جوکيو ۽ ٻين سان تعزيت ڪئي ۽ ساڻن همدردي جو اظهار ڪيو.

ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي حليم عادل شيخ چيو ته هيءَ سرداري دهشتگردي آهي، ويڊيو ٺاهڻ تي نوجوان قتل ڪيو ويو آهي، مراد علي شاهه واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙڻ آيو هو، جڏهن ايف آءِ آر ۽ پوسٽ مارٽم نه پيو ٿئي تڏهن وزير اعليٰ سنڌ ڪٿي هو.

هن چيو ته جي آءِ ٽي سان ڪيس خراب ٿيندو، هاءِ ڪورٽ جي ججن کان جاچ ڪرائڻ گهرجي، مان هتي سياست ڪرڻ نه آيو آهيان، سردار حڪومت ۾ ويٺل آهن، ان ڪري مظلوم ماڻهن کي قتل ڪرڻ ڪو مسئلو ناهي.

خرم شير زمان چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ قاتل وڌي رهيا آهن، بيگناهه قتل ضايع نه ٿيندو، هاڻي سوشل ميڊيا جو دور آهي، سمورن سردارن، ڀوتارن ۽ وڏيرن جا چهرا بي نقاب ٿي رهيا آهن، اسان متاثرن سان گڏ آهيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔