ڊسڪا ضمني چونڊ بابت اليڪشن ڪميشن جي رپورٽ تي فردوس عاشق اعواڻ جو ردعمل

لاهور: قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 75 ڊسڪا ۾ ضمني چونڊ بابت اليڪشن ڪميشن جي جاچ رپورٽ تي فردوس عاشق اعواڻ ردعمل ڏئي ڇڏيو.

پريس ڪانفرنس ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڊسڪا مان پي ٽي آءِ اميدوار ان کي سپريم ڪورٽ تائين وٺي ويو، آر او ۽ ڊي آر او بابت سوين درخواستن جي حوالي سان ڳالهه ڪئي آهي، انهن آفيسرن بابت اسان جا خدشا درست هئا.

هن چيو ته جيڪي پريزائيڊنگ آفيسر اغوا ٿيا، انهن بابت رپورٽ واضح ناهي، ڊسڪا چونڊ بابت حڪومت جو ڪٿي به سافٽ ڪارنر نه هو.

پنجاب جي وڏي وزير جي اڳوڻي خاص مددگار چيو ته اليڪشن ڪميشن جي آفيسر جي رپورٽ کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو پيو وڃي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن اليڪشن ڪميشن آف ڊسڪا ضمني چونڊن بابت جاچ رپورٽ جاري ڪئي هئي، جنهن ۾ چيو ويو هو ته ضمني چونڊ آزاد، صاف ۽ شفاف ماحول ۾ نه ٿي.

اليڪشن ڪميشن جي رپورٽ ۾ چيو ويو ته ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪاليجز محمد اقبال چونڊ عمل ۾ گڙٻڙ لاءِ اجلاسن ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته اي سي هائوس ۾ ٿيندڙ اجلاسن ۾ فردوس عاشق اعواڻ به شريڪ ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔