آءِ جي سنڌ کان گٽڪي ۽ مين پوري جي وڪري ۾ ملوث آفيسرن بابت رپورٽ طلب

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي پوليس کان گٽڪي ۽ مين پوري جي وڪري ۾ ملوث پوليس آفيسرن بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي.

گٽڪي ۽ ٻي منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي بابت درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ڊي آءِ جي اسپيشل برانچ نعيم احمد شيخ گٽڪي ۽ ماوي جي وڪري بابت رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته آءِ جي سنڌ گٽڪي جي وڪري ۾ ملوث آفيسرن خلاف ڪارروائي جي هدايت ڏني آهي.

رپورٽ ۾ چيوويو ته آءِ جي سڄي سنڌ ۾ گٽڪو ۽ مين پوري وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي، آءِ جي سنڌ پاڻ گٽڪي ۽ مين پوري بابت ڪارروائين جو جائزو وٺي رهيو آهي.

پوليس رپورٽ ۾ عدالت کي ٻڌايو ويو ته گٽڪي ۽ مين پوري جو غير قانوني ڪاروبار ڪندڙن سان ڪا رعايت نه ڪئي ويندي.

عدالت چيو ته آءِ جي سنڌ گٽڪي ۽ مين پوري جي وڪري ۾ ملوث پوليس آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪري، پنهنجي مفاد لاءِ معصوم زندگين سان کيڏندڙ ڪروڙ پتي بڻجي ويا، اسان کي اهي پاڙئون پٽڻا آهن.

سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو ته بدقمستي سان ڪجهه پوليس آفيسر به ان ڪم ۾ ملوث آهن، پوليس کاتي کي اهڙين ڪارين رڍن خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي، پوليس جا اهڙا آفيسر معاشري لاءِ به شرمندگي جو سبب آهن.

عدالت گٽڪي ۽ مين پوري جي وڪري ۾ ملوث پوليس آفيسرن بابت آءِ جي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔