وفاقي حڪومت ٽي ايل پي تان پابندي هٽائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: وفاقي حڪومت ڪالعدم ٽي ايل پي تان پابندي هٽائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

ذريعن موجب وفاقي ڪابينا سرڪوليشن سمري ذريعي تحريڪ لبيڪ تان پابندي هٽائڻ جي منظوري ڏني آهي.

گهرو وزارت وفاقي ڪابينا کي تحريڪ لبيڪ پاڪستان تان پابندي هٽائڻ جي سمري موڪيل وئي هئي.

سمري ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب حڪومت تحريڪ لبيڪ سان گڏ ڪالعدم جو لفظ هٽائڻ جي سفارش ڪئي آهي.

سمري موجب ٽي ايل پي اڳتي پرتشدد احتجاج نه ٿيڻ جي خاطري ڪرائي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔