جيڪب آباد ۾ استاد کنڀي تي چڙهي ويو، پوليس منٿون ڪري هيٺ لاٿو

جيڪب آباد: غوثپور واسي استاد وحيد مراد بروهي پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج طور بجليءَ جي هڪ کنڀي تي چڙهي ويو، جنهن بعد علائقي واسي ۽ پوليس اهلڪار گڏ ٿي ويا. کنڀي تي چڙهي ويل وحيد بروهي واقعي واري هنڌ موجود ماڻهن کي ٻڌايو ته پوليس هن سان زيادتي ڪئي آهي، تنهن ڪري هو آپگهات ڪندو

واقعي واري هنڌ موجود ماڻهن ۽ پوليس آفيسرز پاران استاد کي هيٺ لهڻ لاءِ منٿون ڪيون ويون. پوليس وارن وحيد بروهي کي خاطري ڪرائي ته هن جي خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي ويندي ۽ ساڻس انصاف ڪيو ويندو. پوليس جي منٿن ۽ خاطرين بعد وحيد مراد بروهي پول تان هيٺ لهي آيو. کنڀي تان هيٺ لهڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وحيد مراد ٻڌايو ته هو هڪ استاد آهي، گذريل ڏينهن سول لائين ٿاڻي جي پوليس کيس ناحق گرفتار ڪيو ۽ رات جو کيس تشدد جو نشانو بڻايو ويو

موقعي تي موجود پوليس وارن وحيد مراد کي اها خاطري وٺڻ کانپوءِ ڇڏي ڏنو ته هو بجليءَ جي ٻئي ڪنهن کنڀي تي چڙهڻ بدران سڌو صحبت پور پنهنجي گهر ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔