ناظم جوکيو جي وارثن تي دٻاءُ وجهڻ جا الزام بي بنياد آهن، ڀرپور انصاف ڪيو ويندو: نثار کهڙو

ڪراچي: پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو صوبائي وزير ساجد جوکيو سان گڏ سالار جوکيي پهچي مقتول ناظم جوکيو جي وارثن سان تعزيت ڪئي. ان موقعي تي ميڊڦيا سان ڳالهائيندي نثار کهڙي چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري واقعي جو سخت نوٽيس ورتو آهي ۽ مقتول ناظم جوکيو جي وارثن سان مڪمل انصاف ڪيو ويندو.

نثار کهڙي چيو ته مقتول ناظم جوکيو جي بيدردي سان قتل کان وڌيڪ افسوسناڪ واقعو ٻيو ڪو نه ٿو ٿي سگهي، اسان ظلم جي خلاف آهيون ۽ ظالم سان ڪڏهن به نٿا بيهي سگهون. نثار کهڙي چيو ته مقتول جي وارثن تي دٻاءُ وجهڻ جا الزام بي بنياد آهن، مقتول جي وارثن سان ڀرپور انصاف ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔