کنڊ ڪهڙي به آهي عوام کي 90 رپيا في ڪلو ته ملي رهي آهي: ناڻي واري وزارت جَو ترجمان مزمل اسلم

ناڻي واري وزارت جَي ترجمان مزمل اسلم چيو آهي ته کنڊ ڪهڙي به آهي عوام کي 90 رپيا في ڪلو ملي رهي آهي، حڪومت وٽ کنڊ جو 22 ڏينهن جو ذخيرو موجود آهي.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناڻي واري وزارت جي ترجمان مزمل اسلم چيو ته ، وفاقي حڪومت بهترين منصوبابندي سان کنڊ گهرائي، حڪومت وٽ هن وقت هڪ لک ٽن کان وڌيڪ کنڊ ذخيرو آهي، حڪومت وٽ کنڊ جو 22 ڏينهن جو ذخيرو موجود آهي.

ناڻي واري وزارت جي ترجمان چيو ته ، پنجاب ۾ 15 نومبر کان شگر ملز پيڙائي شروع ڪنديون، سنڌ ۾ اڃا تائين شگر ملز چمنيون ناهن ٻاريون سنڌ حڪومت نه پاڻ ڪارخانه کولرائي ٿي نه وفاقي حڪومت کان مدد گهري ٿي.

هُن چيو ته کنڊ جو معاملو صوبائي آهي، سنڌ حڪومت کنڊ جي قيمت تي ضابطي لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو، جڏهن ته پنجاب ۾ کنڊ ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي، پنجاب يوٽيلٽي اسٽورن لاءِ کنڊ 85 روپين تي جاري ڪئي، پنجاب جي سستي بازارن ۾ کنڊ جي في ڪلو قيمت 90 روپيا آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔