همراهه رورس ڪندي ليمبورگني گاڏي ڍنڍ ۾ ڪيرائي ڇڏي

آسٽريا: همراهه رورس ڪندي ليمبورگني گاڏي ڍنڍ ۾ ڪيرائي ڇڏي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ليمبورگني گاڏي دنيا جي مهانگي ۾ مهانگي گاڏين ۾ شمار ٿئي ٿي ۽ ان گاڏي کي رکندڙ شخص جي خواهش هوندي آهي ته هو پنهنجي گاڏي روڊ تي کڻي اچي ته جيئن سندس واهه واهه ٿي وڃي.
ان جي ابٽر آسٽريا ۾ وري نوجوان قيمتي گاڏي ۾ دوست کي ڇڏڻ لاءِ ڍنڍ ڪناري پهچي ويو، دوست کي لاهڻ بعد گاڏي رورس ڪرڻ لڳو ته ايڪسيليٽردٻجي ويو ۽ قيمتي ليمبورگني گاڏي تيزي سان 50 فوٽ اونهي ڍنڍ ۾ وڃي ڪري. اطلاع تي فائر فائٽرز پهچي 3 ڪلاڪن بعد گاڏي ۽ مالڪ کي ڪڍيو،
پوليس واقعي بابت پنهنجي هڪ طنزيا پوسٽ شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ لکيو ويو آهي ته ڊرائيور جيمز بانڊ فلم لاءِ آڊيشن ڏئي رهيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔