بابراعظم هڪ ڀيرو ٻيهر ٽي ٽوينٽي جو نمبر ون بيٽسمين بڻجي ويو

ٽي ٽوينٽي جو دنيا ۾ نمبر ون بيٽسمين بڻجي ويو آهي، آءِ سي سي پاران ٽي ٽوينٽي انٽرنيشنل جي نئين رينڪنگ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ بابر اعظم ڊيوڊ ميلان کان نمبر ون جو اعزاز کسي ورتو آهي
آءِ سي سي جي بيٽسمين واري رينڪنگ ۾ بابر اعظم 834 پوائنٽس سان پهرين نمبر تي آهي ۽ انگلش بيٽسمين ڊيوڊ ميلان 798 پوائنٽس تان ٻئي نمبر تي
اچي ويو آهي. آسٽريليا جو ايرن فنچ 733 پوائنٽس تان ٽئين نمبر تي آهي
بيٽسمين جي انٽرنيشنل رينڪنگ ۾ پاڪستاني وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان 731 پوائنٽس سان چوٿين نمبر ۽ ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي 714 پوائنٽس سان پنجين نمبر تي اچي ويو آهي. قومي ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم ان کان اڳ به ٽي ٽوينٽي رينڪنگ ۾ ورلڊ نمبر ون رهي چڪو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔