سلمان خان سان بدتميزي اداڪارا کي ڳچيءَ ۾ پئجي وئي

ممبئي : ڀارت جي مقبول ريئلٽي شو بگ باس سيزن 15 ۾ گذريل هفتي پروگرام جي مضبوط اميدوار اداڪارا تيجسوي پراڪاش کي سلمان خان سان بدتميزي مهانگائي پئجي وئي.پروگرام جي قسط جي ويڊيو ڪلپ ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته مسلسل ڳالهائڻ تي سلمان خان، تيجسوي کي ڇنڊ پٽي رهيو آهي،
جڏهن ته وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ واهپيدارن سميت اداڪارا ۽ بگ باس سيزن 7 جي فاتح گوهر خان به تيجسوي کي سَت سريون ٻڌايون.گوهر خان ٽوئيٽر تي لکيو ته توهان ڳالهائڻ جي طريقي سان جنگ کٽي سگهو ٿا ۽ کٽيل بازي هارائي سگهو ٿا، ڪيوٽ هجڻ جو مطلب بدتميزي ناهي هوندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔