فيس بڪ پنهنجي هڪ اهم فيچر کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

سماجي رابطن جي مشهور ترين ايپ فيس بڪ رازداري جي خدشن سبب پنهنجي چهري جي سڃاڻپ جو نظام(فيس ريڪوگنيشن سسٽم) کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب اڱاري جي ڏينهن فيس بڪ اختيارين طرفان اعلان ڪيو ويو آهي ته هو پنهنجي تڪراري چهري جي سڃاڻپ واري نظام کي ختم ڪندي هن ٽيڪنالاجي جي معاشري تي پوندڙ اثرن سبب هڪ ارب صارفين جي فيس پرنٽ(اسڪين ڊيٽا) کي ڊيليٽ ڪري ڇڏيندو.
هن تبديلي جي نتيجي ۾ فيس بڪ تصويرون يا وڊيوز ۾ ماڻهن جي جي چهرن جي پاڻمرادو سڃاڻپ نه ٿي سگهندي. جڏهن ته صارفين هاڻ تصوير يا وڊيو ۾ ڪنهن شخص کي ٽيگ ڪرڻ جي لاءِ چهري جي سڃاڻپ جو فيچر استعمال نه ڪري سگهندا.
خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب فيس بڪ طرفان اهو قدم حساس دستاويز ليڪ ٿيڻ کان پوءِ ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته چهري جي سڃاڻپ جي معاملي تي فيس بڪ کي ڪيتري ئي وقت کان تنقيد کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔