شاگردن کي نينگرين وانگراسڪرٽ پائي اچڻ جو حڪم

ايڊن برگ: شاگردن کي نينگرين وانگراسڪرپٽ پائي اچڻ جو حڪم ڏنو ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ اسڪاٽ لينڊ جي راڄڌاني ايڊن برگ ۾ هڪ اسڪول جي انتظاميا شاگردن کي حڪم ڏنو ته اهي هڪ ڏينهن لاءِ نينگرين وانگر اسڪرپٽ پائي اچن. اسڪول انتظاميا جي ان انوکي حڪم تي والدين حيران ٿي ويا جڏهن ته اسڪول انتظاميا جي ان حڪم تي ٽن سالن جي ٻارڙن اسڪرپٽ پاتا.
اسڪول انتظاميا ٻڌايو ته هر سال هڪ ڏينهن لاءِ شاگردن کي اهڙو انوکو حڪم ڏنو وڃي ٿو ڇاڪاڻ ته هڪ 15 سالن جي شاگرد مائيڪل گومز کي اسڪرپٽ پائي اچڻ تي اسڪول مان نيڪالي ڏني وئي هئي، اسڪول انتظاميا جي ان عمل خلاف هر سال اهو ڏينهن ملهايو ويندو آهي، ان ڏينهن ملهائڻ جو مقصد اهو پيغام ڏيڻ هوندو آهي ته ڪپڙن جي ڪابه جنس ناهي هوندي.ان ڏينهن ملهائڻ ۾ شاگردن سان گڏ استاد به حصو وٺندا آهن. اها تحريڪ سڀ کان اڳ اسپين جي شهر بلبائو ۾ شروع ٿي هئي بعد ۾ يورپ جي ٻين ملڪن تائين به پکڙجي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔