”ٽپ ٽپ برسا پاني“ ۾ ڪترينا ڪيف جي انٽري

ممبئي: بالي ووڊ اداڪارا ڪترينا ڪيف پنهنجي نئين فلم ”سورياونشي“ جو هڪ ٻيو گانو سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري ڇڏيو.ڪترينا ڪيف انسٽاگرام تي پنهنجي نئين فلم جي گاني جي ويڊيو جو ٽيزر شيئر ڪيو آهي، جنهن جا ٻول ”ٽپ ٽپ برسا پاني“ تي ٻڌل آهن ۽ اهو 90 جي ڏهاڪي جو مشهور گانو آهي، جنهن کي نئين انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي.ڪيپشن ۾ ڪترينا ڪيف لکيو ته برسات ۾ ڊانس ڪرڻ کان وڌيڪ ڪجهه سٺو ناهي.هن گاني جي مڪمل ويڊيو ڏسڻ لاءِ ٽي سيريز ميوزڪ ڪمپني جي آفيشل يوٽيوب چئنل جي لنڪ به ڏني. واضح رهي ته روهت شيٽي جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ فلم ”سورياونشي“ جو گانو ”ٽپ ٽپ برسا پاني“ ڪترينا ڪيف ۽ اڪشي ڪمار تي فلمايو ويو آهي.اهو 1994 ۾ ٺهندڙ فلم ”موهرا“ جو مشهور گانو آهي، جنهن کي هاڻ نئين انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي.موهرا فلم ۾ اهو گانو اڪشي ڪمار ۽ روينا ٽنڊن تي فلمايو ويو هو، جيڪو ڏاڍو مشهور ٿيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔