جسم ۾ وٽامن ڊي جي کوٽ موت جي خطري کي وڌائي ٿي

وٽامن ڊي بابت چيو ويندو آهي ته ان سان ٿڪ ختم ٿي ويندو آهي اها هڪ اهڙو غذائي جز آهي جيڪو جسماني فعلن جي صحتح ڪارڪردگي لاءِ ضروري تصور ڪيو ويندو آهي.
جسماني عضون جهڙوڪ پٺن، هڏن ۽ ڏندن جي مضبوطي جڏهن ته اهم عضون دل، گڙدن، ڦڦڙن ۽ جيري جي تحفظ لاءِ وٽامن ڊي جسم کي گھربل ضروري وٽامنز مان هڪ آهي. اها هڪ اهڙي وٽامن آهي جنهن جي کوٽ سبب گھڻيون بيماريون جنم وٺن ٿيون.
ان حوالي سان برطانيا ۾ هڪ نئي طبي تحقيق ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي، وٽامن ڊي جي کوٽ ڪجهه ماڻهن جي وقت کان اڳ موت جو سبب بڻجي ٿي.
طبي رسالي دي لانسيٽ ڊائبيٽس اينڊ اينڊوڪرائنولوجي ۾ ڇپيل تحقيق ۾ اهڙيون جينياتي شاهديون پيش ڪيو ويون آهن جن مان وٽامن ڊي جي کوٽ ۽ موت وچ ۾ واسطي جو اشارو مليو.
ڪيمبرج يونيورسٽي جي تحقيق جو مقصد اهو ڄاڻڻ هو ته ڇا جينز وٽامن ڊي جي سطح ۾ ڪردار ادا ڪندا آهن. ان مقصد لاءِ 33 تحقيقي رپورٽن جي ڊيٽا جو جائزو ورتو ويو.
اها ڊيٽا وچولي عمر جي 3 لک 86 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جو هو جن جي مانيٽرنگ مختلف تحقيقي رپورٽن ۾ سراسري طور ساڍن 9 سالن تائين ڪئي وئي.
انهن مان 33 هزار 546 ماڻهن ۾ دل جو مرض ۽ 18 هزار 166 فالج کي منهن ڏنو جڏهن ته 27 هزار 885 فوت ٿي ويا. انهن ڪيسن ۾ وٽامن ڊي جي ڪردار جي ڀيٽ ڪرڻ لاءِ جينياتي پراسيس کي اپنايو ويو.
محققن وٽامن ڊي جي وڌيڪ سطح ۽ دل جي مرضن، فالج يا موت وچ ۾ ڪو به واسطو دريافت نه ڪيو پر جيڪي ماڻهو وٽامن ڊي جي کوٽ جو شڪار هئا انهن جي جينياتي تجزيي مان اهڙيون ٺوس شاهديون مليون جن مان وٽامن ڊي جي وڌيڪ سطح ۽ موت جي خطري ۾ گھٽتائي وچ ۾ واسطو ثابت ٿئي ٿو.
حقيقت ۾ وٽامن ڊي جي 10 نانو ميٽر في ليٽر سطح سان ڪنهن به سبب جي ڪري موت جو خطرو 30 سيڪڙو تائين گھٽ ٿئي ٿو. محققن جو چوڻ هو ته تجزيي مان وٽامن ڊي جي گھٽ سطح ۽ موت جي خطرن ۾ گھٽتائي وچ ۾ واسطي جو اشارو ملي ٿو.
هنن تسليم ڪيو ته تحقيق ڪنهن حد تائين محدود هئي يعني ان جا نتيجا وچ عمر جي ماڻهن تي ٻڌل هئي جيڪي سڀ يورپي ڄاول هئا پر ماهرن زور ڏنو ته وٽامن ڊي جسم لاءِ انتهائي اهم جز آهي جنهن جي مناسب سطح جو خيال رکڻ گھرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔