عورت 47 ڪروڙ جو قيمتي هيرو ڪچري ۾ اڇلائڻ کان بچي وئي

لنڊن: عورت 47 ڪروڙ جو قيمتي هيرو ڪچري ۾ اڇلائڻ کان بچي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب لنڊن ۾ هڪ عورت گهر جو غيرضروري سامان اڇلائڻ وڃي رهي هئي ته پاڙي جي هڪ عورت کيس سامان اڇلائڻ کان اڳ ان کي ٻيهر ڏسڻ جو مشورو ڏنو جنهن بعد عورت سامان کي ٻيهر چڪاسيو ته ان مان هڪ هيرو مليو جيڪو هو سوناري ڏانهن کڻي وئي.
سوناري هيري کي ڏسندي ئي ان کي انتهائي قيمتي قرار ڏنو، سوناري 34 قيراط جي ان هيري جي قيمت 20 لک پائونڊ يعني 47 ڪروڙ رپيا لڳائي ڇڏي. سوناري اهو هيرو 30 نومبر تي نيلامي لاءِ رکڻ جو اعلان ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔