جيل جي هوا کائڻ کانپوءِ شلپا جو مڙس سوشل ميڊيا اڪائونٽس بند ڪري ڇڏيا

بالي ووڊ اداڪاره شلپا شيٽي جو مڙس راج ڪندرا پنهنجا سوشل ميڊيا اڪائونٽس غير فعال ڪري ڇڏيا
راج ڪندرا کي هلندڙ جولاءِ ۾ اگهاڙيون فلمون ٺاهڻ ۽ انهن کي مختلف ايپس تي پوسٽ ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو هو جنهن کي 21 سيپٽمبر تي ضمانت تي آزادي ملي هئي
راج ڪندرا جو شمار انهن ماڻهن ۾ ٿئي ٿو جيڪي انسٽا گرام ۽ ٽوئٽر تي ڪافي متحرڪ رهندا هئا ۽ دلچسپ وڊيوز ٺاهڻ جي ڪري پنهنجي فالوورز ۾ مشهور به هئا
ڀارتي ميڊِيا رپورٽس موجب راج ڪندرا جيل کان گهر اچڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا جو استعمال نه ڪري رهيو هو ۽ هن پنهنجو انسٽا گرام ۽ ٽوئٽر اڪائونٽس به بند ڪري ڇڏيا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔