انگلينڊ کي صرف پاڪستان يا افغانستان هارائي سگهي ٿو: ڪيون پيٽرسن

اڳوڻي انگلش ڪرڪيٽر ڪيون پيٽرسن چيو آهي ته ٽي ٽوئينٽي ورلڊ ڪپ ۾ انگلينڊ کي پاڪستان يا افغانستان ئي هارائي سگهي ٿو
پيٽرسن پنهنجي ٽوئٽ ۾ چيو آهي ته هن ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ صرف پاڪستان يا افغانستان اهڙي پوزيشن ۾ آهن جيڪي با آساني سان انگلينڊ کي شڪست ڏئي سگهن ٿا
هن وڌيڪ لکيو ته اهو صرف انهي صورت ۾ ممڪن ٿي سگهي ٿو جيڪڏهن ميچ شارجه ۾ استعمال ٿيل وڪٽ تي کيڏي وڃي
واضح رهي ته گذريل ڏينهن ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي گروپ ون ۾ انگلينڊ سريلنڪا کي 26 رنز تان شڪست ڏني هئي، جڏهن ته پاڪستان هن وقت تائين سپر 12 مرحلي ۾ ناقابل شڪست رهيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔