مڙس شادي جي ڪجهه مهينن بعد ئي زال پرڻائي ڇڏي

نئين دهلي: مڙس شادي جي ڪجهه مهينن بعد ئي زال کي سندس محبوب سان پرڻائي ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي شهر ڪانپور ۾ اينٽي ڊوميسٽڪ وائلينس سيل وٽ انوکو ڪيس آيو، پنڪج نالي هڪ نوجوان پنهنجي زال ڪومل ۽ سندس اڳوڻي محبوب پنٽو کي وٺي اي ڊي وي سيل پهچي ويو
جٿي نوجوان جي درخواست تي سندن والدين ۽ ساهرن کي به طلب ڪيو ويو. ان موقعي تي پنڪج اي ڊي وي سيل جي عملدران کي ٻڌايو ته زال ڪومل مونسان خوش ناهي ۽ هو پنهنجي اڳوڻي محبوب وٽ وڃڻ چاهي ٿي. مون اهو مسئلو مائٽن ۽ ساهرن اڳيان رکيو پر انهن انڪار ڪري ڇڏيو. هن چيو ته مائٽ راضي ناهن پر آئون هنن جي مرضي سان شادي ڪرڻ چاهيان ٿو جنهن بعد اي ڊي وي سيل جي عملدارن ٻنهي ڌرين کي راضي ڪيو، اي ڊي وي سيل ڌرين جي راضپي سان ڪومل ۽ پنٽو جي شادي ڪرائي ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔